چيف جسٽس  ۽ جسٽس فائز  وچ ۾ ملاقات، عدالتي معاملن تي ڳالهيون

چيف جسٽس ۽ جسٽس فائز وچ ۾ ملاقات، عدالتي معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطابنديال ۽ سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وچ ۾ ملاقات ٿي.ذريعن موجب جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وچ ۾ ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ سپريم ڪورٽ جي معاملن تي غور ڪيو ويو، ملاقات ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي صحيح ڪرڻ جي تاريخ تي به غور ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پارليامينٽ جي دوري بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو