لاهور (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو آهي ته تمام جلد سپريم ڪورٽ ۾ هڪ يا ٻه عورت ججز مقرر ٿينديون. هن اهڙو اعلان لاهور ۾ عورت ججن جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڊسٽرڪٽ ڪورٽس ۾ 300 کان مٿي ججز آهن. هاءِ ڪورٽس ۾ به عورت ججز مقرر ڪيون ويون آهن ۽ جلد سپريم ڪورٽ ۾ به عورت ججز مقرر ٿينديون. ياد رهي ته هو 20 ڊسمبر تي رٽائر ٿي رهيو آهي.










