چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ جي مقرري لاءِ سينارٽي ختم ڪرڻ تي اتفاق

چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ جي مقرري لاءِ سينارٽي ختم ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري لاءِ سينيئرٽي ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.جاري ڪيل پڌرائي موجب چيف جسٽس آف پاڪستان جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آئين جي آرٽيڪل 175 جي ذيلي شق 4 تحت 2010ع ۾ جڊيشل ڪميشن جا ضابطا جوڙيا ويا.بيان ۾ چيو ويو آهي ته مسلسل مطالبو ڪيو پيو وڃي ته جڊيشل ڪميشن جي ضابطن جي ٻيهر جاچ ڪئي وڃي. 8 ڊسمبر 2023ع تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 2 رڪني ڪميٽي جوڙي جنهن ۾ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس رٽائرڊ منظور احمد شامل هئا.بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي ۾ اعليٰ عدالتن جا سينيئر جج، اٽارني جنرل، پاڪستان بار ڪائونسل ۽ صوبائي بار ڪائونسلن جا نمائندا شامل هئا.پڌرائي موجب جوڊيشل ڪميشن ڪميٽي جي مقرري رولز جي مسودي تي اتفاق راءِ سان تجويزون ڏنيون، اجلاس ۾ ججن جي مقرري لاءِ مختلف ڪيٽيگريز تي تجويزون ڏنيون ويون، منظور ڪيل تجويزن تي اتفاق راءِ وارو مسودو چيف جسٽس پيش ڪندو. ايندڙ اجلاس ۾ سينيئر پنڊي جج جي اجلاس ۾ جڊيشل ڪميشن جي ضابطن ۾ تبديلين بابت تجويزن جو مسودو پيش ڪيو ويندو.جڊيشل ڪميشن جو ايندڙ اجلاس 28 سيپٽمبر تي صبح 10 وڳي ٿيندو. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري لاءِ سينيئرٽي ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس لاءِ 3 نالا موڪليا ويندا، جن مان سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويندو.ذريعن موجب چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۾ جج جي هر خالي عهدي لاءِ 3 نالا تجويز ڪندو، جڊيشل ڪميشن ٽن نالن مان هڪ نالو چونڊي پارلياماني ڪميٽي ڏانهن موڪليندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به جج جي رٽائرمينٽ کان 15 ڏينهن اڳ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس گهرائڻو پوندو ته جيئن خالي جاءِ تي ڀرتي ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو