اسلام آباد)بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان سميت 4 ججن خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ درخواست داخل ڪئي وئي.چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس اعجاز الاحسن خلاف شڪايتون داخل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته هڪ ٻي شڪايت جسٽس مظهر علي اڪبر نقوي خلاف داخل ڪئي وئي آهي.سردار سلمان ڊوگر ايڊووڪيٽ طرفان داخل ڪرايل شڪايت ۾ چيو ويو آهي ته غلام محمود ڊوگر ۽ صوبائي اليڪشن ڪيس ۾ ججن بدانتظامي ڪئي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال سميت چار ججز بدانتظامي جو ڏوهه ڪيو، چئني ججن آئين جي آرٽيڪل 209 جي ڀڃڪڙي ڪئي، چيف جسٽس سميت چئن ئي ججن خلاف ورزي ڪئي. چئن ججن کي عهدن تان هٽايو وڃي.چيف جسٽس سميت سمورن ججن خلاف شڪايت جون ڪاپيون سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ٻين ميمبرن کي به موڪليون ويون آهن.










