لاهور (م ڊ) مسلم ليگ ق جي صدر چوڌري شجاعت حسين جي ننڍي ڀاءُ چوڌري وجاهت نئين پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري وجاهت چيو ته طارق بشير چيما سندس ڪٽنب کي ورهائي ڇڏيو جڏهن ته چوڌري شجاعت حسين کي سندن پٽن يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي. هن افسوس ڪندي چيو ته چوڌري شجاعت جو پٽ زرداري کان ڊالر گهري رهيو آهي جڏهن ته سندس چوڻ هو ته سالڪ حسين جو گجرات جي سياست سان ڪڏهن ڪو واسطو ناهي رهيو. ياد رهي ته چوڌري وجاهت حسين مسلم ليگ ق جي باغي قومي اسيمبلي ميمبر حسين الاهي جو پيءُ آهي. حسين الاهي 8 جون تي ق ليگ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو.










