چوڌري نثار3 سالن کان پوءِ اسيمبلي پهچي حلف نه کڻي سگهيو

چوڌري نثار3 سالن کان پوءِ اسيمبلي پهچي حلف نه کڻي سگهيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) چوڌري نثار علي خان حلف کڻڻ کان سواءِ ئي اسيمبلي مان ٻاهر نڪري آيو. رپورٽ موجب سينئر سياستدان چوڌي نثار علي خان پنجاب اسيمبلي ۾ پنهنجي رڪنيت جو حلف کڻڻ جي لاءِ پهتو ته صحافين جي هڪ وڏي انگ سندس گهيرو ڪري ورتو ۽ ان جي سياسي حڪمت عملي تي سوال شروع ڪري ڏنا پر چوڌري نثار صحافين جي ڪنهن به سوال جو جواب ڏيڻ کان سواءِ خاموشي سان ايوان ۾ داخل ٿي ويو جتي  هن کي اسيمبلي چيمبر ۾ ويهاريو ويو.چوڌري نثار اسيمبلي پهچڻ تي اسيمبلي جي سيڪريٽري محمد خان  ڀٽي سان ملاقات ڪئي ۽ کيس حلف کڻڻ جي حوالي سان باضابطه آگاهه ڪندي چيو ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي غير موجودگي ۾ حلف کڻي سگهان ٿو. پنجاب اسيمبلي جي رولز 15 موجب پينل آف چيئرمين جو حلف کڻي سگهان ٿو. چوڌري نثار رولز جي ڪاپي به اسپيڪر پنجاب اسيمبلي جي چيمبر ۾ پيش ڪئي پر ڊگهي دير تائين انتظار ڪرڻ کان پوءِ کيس بنا حلف کڻڻ جي ايوان کان ٻاهر اچڻو پيو.پنجاب اسيمبلي جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چوڌري نثار چيو ته مان 2019 جي چونڊ ۾ 34 هزار جي ليڊ سان صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو  هئس. مون کي  پهريان قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ناڪام ڪرايو ويو ۽ هاڻ حڪومت هڪ آرڊيننس جي ذريعي مون کي ڊي سيٽ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي. مون هڪ هفتو اڳ حلف کڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پنجاب اسيمبلي کي لکي ڏنو هو. پر اڄ چيو ويو ته اسپيڪر اسيمبلي ۾ موجود ناهي ان لاءِ حلف نٿو وٺي سگهجي. جڏهن ته پينل آف چيئرمين وٽ سمورا اختيار هوندا آهن ۽ هو حلف به وٺي سگهي ٿو.پنجاب اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي رويي خلاف عدالت وينداسين ۽ 2 ڏينهن کان پوءِ حلف کڻڻ ايندس. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته مان ڪنهن سياسي راند جو حصو ناهيان. سياسي معاملن تي نٿو ڳالهائڻ چاهيان. ملڪ کي مفاهمت جي ضرورت آهي. عمران خان کي مشورو ڏيندڙ ڪيترائي ماڻهو آهن پر مان صرف ايترو ئي چوندس ته هو ٿڌو ڪري کائي.

پهنجو تبصرو موڪليو