چوڌري نثار پاران عام چونڊون آزاد حيثيت ۾ وڙهڻ جو اعلان

چوڌري نثار پاران عام چونڊون آزاد حيثيت ۾ وڙهڻ جو اعلان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي چونڊ آزاد حيثيت ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چوڌري نثار چيو ته ن ليگ سان رابطا هاڻ به آهن پر پارٽي ۾ شموليت جو فيصلو چونڊن کانپوءِ ڪنداسين.هن وڌيڪ چيو ته عمران خان سان دوستي ضرور آهي پر تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيس ته دوستاڻا لاڳاپا متاثر ٿي سگهن ٿا.واضح رهي ته ن ليگ قيادت سان ڪاوڙيل چوڌري نثار 2018 ۾ آزاد حيثيت سان قومي اسيمبلي جي ٻن ۽ صوبائي اسيمبلي جي هڪ سيٽ تي چونڊ وڙهي هئي، جنهن ۾ هن رڳو پنجاب اسيمبلي جي سيٽ کٽي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو