راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) چوڌري نثار سڀاڻي پنجاب اسيمبلي جي ميمبر طور حلف کڻڻ جو با ضابطا طور اعلان ڪري ڇڏيو آهي، چوڌري نثار جو چوڻ آهي ته ميمبر ٿيڻ بعد پگهارون ۽ ٻيون مراعتون نه وٺندس، حلف کڻڻ بعد به موقف ۾ ڪابه تبديلي نه ايندي، حلف کڻڻ جو مقصد تڪ ۾ سياسي حالتون ۽ مهرن کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي، پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو آهي ته اليڪشن جو بائيڪاٽ ۽ ميدان خالي ڇڏڻ هن کان به وڏي سياسي غلطي هوندي، هي عجيب منطق هوندي ته هڪ طرف سيٽ ڇڏي وڃي ۽ ٻي طرف وري ننڍي چونڊ ۾ حصو ورتو وڃي، جڏهن ته ڪورونا وبا ۽ عوام کي وڏي اجتما جي حوالي سان هن وبا کان بچائڻ آهي، واضح رهي ته چوڌري نثار 2018 جي عام چونڊن ۾ راولپنڊي مان آزاد حيثيت سان چونڊجي ويو هو پر هن هيل تائين اسيمبلي جي ميمبر طور حلف نه کنيو.










