چوڌري شجاعت جي وفات جي ڪوڙي خبر ڦهلائيندڙ گرفتار

چوڌري شجاعت جي وفات جي ڪوڙي خبر ڦهلائيندڙ گرفتار

ڪراچي (ڊيسڪ نيوز) ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي صدر چوڌري شجاعت حسين جي فوت ٿي وڃڻ متعلق سوشل ميڊيا تي ڪوڙي خبر ڦهلائيندڙن کي فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) گرفتار ڪري ورتو آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن پهريان چوڌري شجاعت جي موت جي ڪوڙي خبر سوشل ميڊيا تي ڦهلجي وئي هئي. ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي آصف اقبال ان سلسلي ۾ ميڊيا کي ڄاڻ ڏني آهي ته چوڌري شجاعت جي اباڻي ضلعي گجرات سان واسطو رکندڙ ٽن ڄڻن غلام رسول، شيراز علي ۽ شهزاد جي نشاندهي ٿي چڪي آهي جن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته باقاعده ڪيس پڇا ڳاڇا مڪمل ٿيڻ بعد داخل ڪيو ويندو. ٻڌايو ويو آهي ته چوڌري شجاعت جي وڪيل پاران ڪوڙي خبر بابت سائبر ڪرائيم ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو