اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجه چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن وقت سان گڏوگڏ بهتر قدم کڻي رهي آهي چونڊ نظام ۾ شفافيت کي يقيني بنايو پيو وڃي. جنهن سان اليڪشن ڪميشن تي عوام جي ڀروسي جو اضافو ٿيندو. چونڊ اخلاقن جي ڀڃڪڙي تي پارٽي سربراهه سميت ڪارڪنن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجه چيو ته اليڪشن ڪميشن جي قدمن ۾ ادارن جو ڪردار تمام گهڻو اهم آهي. اهڙن ماڻهن جنهن چونڊ دوران بدامني جي ڪوشش ڪئي انهن جي خلاف وقت تي قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي. ميڊيا اليڪشن ڪميشن جي مختلف قدمن جي سٺي طريقي سان مدد ڪئي.چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ڪورٽ آف ڪنڊڪٽ جي جنهن به ڀڃڪڙي ڪئي ان جي خلاف ايڪشن ورتو ويو. مڪاني چونڊن جي لاءِ صوبائي حڪومتون تيار نه هيون، سمجهان ٿو ته ملڪ جي لاءِ سڀني کان اهم چونڊون مڪاني چونڊون آهن، اليڪشن ڪميشن مانيٽرنگ جي نظام کي بهتر ڪيو. آئنده عام چونڊن ۾ به مانيٽرنگ جو بهترين نظام لاڳو ڪيو ويندو.سڪندر سلطان راجه چيو ته نئين تڪ بندين لاءِ اليڪشن ڪميشن کي مناسب وقت لڳندو. سڪندر سلطان راجه چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊ عمل ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال جو حامي آهي. پر ٽيڪنالاجي اهڙي هجڻ گهرجي جنهن ۾ ووٽرز پنهنجو حق آساني سان استعمال ڪري سگهن ۽ رازداري کي يقيني بنايو وڃي.چيف اليڪشن ڪمشنر وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن تي اي وي ايم ۽ اووسيز ووٽنگ جي حوالي سان تمام گهڻي تنقيد ٿيندي آهي. تنقيد ڪندڙن کي چئلينج ڪريان ٿو ته اهي اسان کي ڪٿي به ڏيکارين ته اليڪشن ڪميشن اي وي ايم يا اووسيز ووٽنگ جي مخالفت ڪئي هجي.سڪندر سلطان راجه چيو ته اليڪشن ڪميشن جي لاڳيتو ڪوششن سبب خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊون ٿيون، بلوچستان ۾ به مڪاني چونڊون مڪمل ڪرايون ويون، سنڌ جي مڪاني چونڊن ۾ مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ چونڊون ملتوي ٿيون جيڪي هاڻ 15 جنوري تي ٿينديون.نئين آدمشماري ۽ تڪ بندين بابت سڪندر سلطان راجا چيو ته وفاقي حڪومت ڊيجيٽل تڪ بندين جون ڳالهيون ڪري رهي آهي اسان هر ڀيري حڪمت کي چيو آهي ته تڪ بندين جي لاءِ 6 کان 7 مهينا لڳندا آهن. ڊيجيٽل تڪ بنديون شروع ناهن ٿيون جيڪڏهن مناسب وقت نه مليو ته اهو ڪم مقرر وقت تائين مڪمل ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل هوندو.چيف اليڪشن ڪمشنر وڌيڪ چيو ته تنقيد ڪندڙن کي چيلنيج ڪريان ٿو ته اهي ڪٿي به ڏيکارين ته چونڊ ڪميشن اي وي ايم يا اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي مخالفت ڪئي آهي ان لاءِ طريقو ڪهڙو هجڻ گهرجي. ائين نه ٿئي ته تڪڙ ۾ اي وي ايم جي استعمال يا اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جو نعرو لڳائي ڇڏيون پر ان سبب سمورو چونڊ عمل شڪي ٿي وڃي.










