اسلام آباد(بيورو)حڪومت چونڊ سڌارن جو بل جلد قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو آهي ته ڪجهه سڌارا بجيٽ کان اڳ ۽ ڪجهه بجيٽ کانپوءِ آندا ويندا،اليڪشن ڪميشن به چونڊ سڌارن لاءِ 7 مهينن جو وقت گهريو آهي هن چيو ته آڪٽوبر يا نومبر کان اڳ اليڪشن ٿيڻ ممڪن ناهي، چونڊ سڌارن کانپوءِ ئي اليڪشن ٿي سگهندي،عمران خان حڪومت نه، پر رياست خلاف تحريڪ هلائي رهيو آهي پي ٽي آءِ قيادت خلاف توهين مذهب جا ڪيس داخل ڪرڻ بابت پ پ کان راءِ نه ورتي وئي هئي










