اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته چونڊون ملتوي ٿيڻ جو ڪو به امڪان ناهي، چونڊون ڪرائڻ جون سموريون تياريون مڪمل آهن.اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته چونڊ شيڊول جو اعلان تڪبندين جي پڌرائي کانپوءِ ڪيو ويندو، تڪبندين جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي.ترجمان موجب تڪ بندين تي اعتراضن جو ٻيو مرحلو سڀاڻي مڪمل ٿيندو، اليڪشن ڪميشن 30 ۽ 31 آڪٽوبر کان اعتراضن جي ٻڌڻي شروع ڪندو.اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته تڪبندين جي حتمي لسٽ 30 نومبر تي پڌري ڪئي ويندي ۽ تڪ بندين جي حتمي پڌرائي کانپوءِ چونڊ شيڊول جو اعلان ڪيو ويندو.ترجمان جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلن ۾ ڪو به ابهام ناهي.










