اسلام آباد(بيورو رپورٽ)گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ايمرجنسي قانون جو حصو آهي، مون وزيراعظم کي سنڌ ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، پر هن نه مڃيون. جيڪي پارٽيون تبديل ڪري رهيا آهن انهن کي به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ جلد چونڊون به ٿي سگهن ٿيون. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته مخالف ڌر 25 يا 26 مارچ تي ٻاهر نڪرندي، مون اسلام آباد انتظاميا کي چيو آهي ته هو رابطو ڪن، اسان 2 هزار رينجرز، 1000 ايف سي ۽ 9 هزار پوليس اهلڪارن سميت 12 هزار اهلڪار مقرر ڪيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته هڪ هزار ايف سي يا هڪ هزار رينجرز کي طلب ڪيو ويندو، اسان اهو ڪم سپريم ڪورٽ جي هدايت تي ڪيو آهي ته ٻنهي پارٽين کي جلسن جي اجازت ڏني آهي، مسلم ليگ ن طرفان هن وقت تائين ڪا به درخواست نه ملي آهي. جيڪڏهن سڀاڻي ڪو به فساد ٿيو يا ڪو مسئلو ٿيو ته گهرو وزارت ان جي ذميوار نه هوندي. هن چيو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو ۽ عمران خان 27 مارچ تي شام 4 وڳي پريڊ گرائونڊ ۾ پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ڪندو. هن چيوته اپوزيشن وٽ جيڪڏهن اسان جا ڪجهه ناراض ميمبر آهن ته پوءِ اسان وٽ به هنن جا ميمبر آهن. هي ڏاڍو دلچسپ ۽ سٺو مقابلو آهي ۽ اڄ کان پوءِ توهان کي سٺيون خبرون ٻڌڻ ۾ اينديون،“










