چونڊن جي تاريخ نه ڏيڻ خلاف درخواست غير موثر قرار

چونڊن جي تاريخ نه ڏيڻ خلاف درخواست غير موثر قرار

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪمن باوجود پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ نه ڏيڻ واري معاملي تي داخل درخواست کي غير موثر قرار ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ جي جسٽس جواد حسن اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ڌرين خلاف شهري منير احمد جي توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.لاهور هاءِ ڪورٽ درخواست غير موثر قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ اهو به چيو ته اهڙي صورت ۾ توهين عدالت جي درخواست جو جواز ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو