اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ لاءِ صدر جي مشاورت جي دعوت رد ڪري ڇڏي. پنجاب ۽ ڪي پي ۾ صوبائي اسيمبلين جي چونڊن واري معاملي تي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حميد صدر کي خط لکيو آهي.خط ۾ چيوويو آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊن وارو معاملو مختلف عدالتي فورمز تي ٻڌڻي هيٺ آهي، اليڪشن ڪميشن فلحال صدارتي آفيس سان مشاورت جي عمل ۾ داخل نٿو ٿي سگهي، جڏهن ته اداري طرفان ان حوالي سان سومر تي ٿيندڙ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويندو.خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صدر جي آفيس سڀ کان اعليٰ آئيني ادارو آهي، صدر رياست جو سربراهه آهي، اليڪشن ڪميشن صدر جو احترام ڪري ٿي.خط جي متن موجب سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن جوچوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميواري کان آگاهه آهي، پنجاب ۽ ڪي پي جي گورنرن اڃا تائين عام چونڊن جي تاريخ ناهي ڏني، پنجاب جي گورنر چيو ته هو ان معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بابت قانوني رستو اختيار ڪندا.خط ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ کان رهنمائي لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي، پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پڻ ٽي درخواستون داخل آهن، جڏهن ته آئين اسيمبلي ٽٽڻ تي اليڪشن ڪميشن کي پولنگ جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو اختيار نٿو ڏي.










