اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيف جسٽس جي ريمارڪس کي انتهائي اهم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.هڪ بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته چيف جسٽس چيو آهي ته چونڊن کانسواءِ ڪو حل ناهي، اليڪشن ڪمشنر چيو ته نومبر کانپوءِ چونڊن لاءِ تيار ٿي ويندس.هن چيو ته آرٽيڪل 220 ڪنهن به اداري کي اليڪشن ۾ مدد ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ جو اختيار نٿو ڏئي.










