چور نذراني جي پيتي جا تالا ٽوڙي رقم کڻي ويا

ڪوٽڙي ڪبير(پرويزحسين ڀنڊ) نامعلوم چور درگاهه سخي الھيار جي نذراني جي پيتي جو تالو ڪٽر قينچي سان ڪٽي رقم ڪڍي پيتي خالي ڪري ويا. صبح جو پيرين جي مدد سان فقير يعقوب موجائي ۽ حاجي غلام حيدر ٿيٻو چورن جا پيرا کڻايا تازي بارش پوڻ ڪري چورن جا پير نه لڳا. درگاه جي گادي نشين ٻڌايو ته جيڪي ماڻھو اوليائن ۽ بزرگن جا نافرمان ھوندا آھن درگاهه جي چوري  به انھن جو ئي ڪم  آھي اسان جو صبر آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو