چورين جو آزار، عوام جي ننڊ حرام ، پوليس خاموش تماشائي

ٽنڊومستي/ صوڀو ديرو(نمائندن وٽان) خيرپور ضلعي جي تعلقي صوڀو ديرو ۽ ٽنڊو مستي جي آس پاس چورين جو آزار وڌي ويو آهي. شڪايتن جي باوجود پوليس چوريون روڪڻ ۾  ناڪام وئي آهي. ٽنڊومستي ٿاڻي تي ايس ايڇ او دريا خان جتوئي جي مقرر ٿيڻ کانپوءِ ٿاڻي جي حد ۾ هر روز مختلف قسم جا ڏوھ ٿيڻ ۽ منشيات سميت سماجي برايون معمول بڻجي ويون آهن. ٻن موٽر سائيڪلن جي چوري بعد پير حاجي غيب ڀرسان عارف پٽ محمد مراد چانڊيو کان هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل ڦر ڪئي وئي. ٽي ڏينهن اڳ ڳوٺ ڦلڻ ڪانڌڙو جو رهواسي شھر کان پنهنجي ڳوٺ فيملي سان گڏ واپس وڃي رهيو هو ته ڦورن عورت کي مٿي ۾ ڏنڊو هڻي زخمي ڪيو  هو. جنهن جا پيرا ڳوٺ ڊانڊو جتوئي ۾ لڳا ڳوٺ شيخ طيب مان تقريبن هڪ لک رپيا ماليت جي چوري ٿي ڳوٺ ڄام جتوئي مان جتوئي برادري جي گهرن مان چوري جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي ڪجهه ڏينهن پهريان پير حاجي غيب ڳوٺ مان ٻه سولر پليٽون چوري ڪيون ويون ۽ مختلف ڳوٺن مان پڻ چوريون ٿي چڪيون آھن  ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد جي عوام ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور ميرس عمر طفيل خان کان فوري نوٽيس وٺڻ ۽ علائقي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بنائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ***صوڀوديرو  مان نادر اڄڻ  موجب پوليس چوڪي سڳيون جي حد ۾ چوري جون وارداتون معمول بڻجي ويون آهن. شھر مان ھڪ ئي رات ۾ ٽن گھرن مان چوريون ٿيون جن ۾ قربان علي مڱڻيجو، منگي ۽ اصغر ڪلھوڙو جون چوريون شامل آهن. ڪجهھ ڏينھن پھريان پوليس ۽ وڏيرن جي موجودگي ۾ نو ڄڻن مشھور پيراڊين جو پيرن جي ڀيٽا سان چورن کي ظاهر ڪيو جڏهن ته گھر ڌڻين به چورن کي سڃاتو پر ڳجهه ڳوھ ۾ اھڙي ڪا ڊيل ٿي وئي جو چورن کي ٿڏي تي ئي بيماري جو بھانو ڄاڻائي گمبٽ جي سرڪاري اسپتال لاء ڇڏيو ويو . ساڳي رات ئي چوٿين واردات سمي شھر ۾ ٿي ۽ پنجين واردات ۾ گورنمينٽ ايليمينٽري اسڪول ھرياھ مان سولر پليٽون ۽ بيٽريون چوري ٿي ويون. ان کان سواءِ رات جو ڦٽين جون چوريون به ھر وستي واھڻ مان ٿي رھيون آھن ڇو ته چورن جو من وڌي ويو آھي ۽ انھن کي ڪو به  ڊپ ڊاء ڪونهي. سماجي ڪارڪنن استاد نعمت علي، نعمت مڱڻيجو، امان الله ، الفت علي سھتو ۽ ٻين ايس ايس پي خيرپور کان امن امان قائم رکڻ لاء اثرائتي ڪارروائي ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو