چورن هٿان شهيد ٿيل اهلڪار جي تدفين، انصاف جي خاطري

چورن هٿان شهيد ٿيل اهلڪار جي تدفين، انصاف جي خاطري

عادلپور (اسلم مھر )ڳوٺ سچيڏنو ڪلوڙ ۾ چورن سان مهاڏو اٽڪائيندي گولي لڳڻ سبب عادلپور ٿاڻي جو پوليس اهلڪار شھيد ٿي ويو. پوليس موجب اهلڪار فرزان ڪلوڙ ولد منٺار علي ڪلوڙ  رات جو دير سان اقبال شاھ پڪٽ تان  ڊيوٽي کان واپسي تي پنهنجي گهر وڃي رهيو هو ته چور سنس مائٽ جي دوڪان مان چوري ڪري رهيا هئا جن کي للڪارڻ تي چورن کيس گولي هڻي قتل ڪري سرڪاري رائيفل کڻي فرار ٿي ويا ٺڪاءَ تي ڳوٺاڻا سجاڳ ٿيا ۽ چورن جو پيرو کنيو ويو. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ذاتي دشمني سبب کيس قتل ڪيو ويو آهي. جوابدار اڳ ۾ ئي تاڙ ۾ لڪا ويٺا هئا. واقعي جو عالپور پوليس کي اطلاع مليو ته هو به پهتا ۽ شھيد اهلڪار جو لاش گهوٽڪي سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيوويو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو شھيد اهلڪار کي هڪ نياڻي جي اولاد هو شھيد اھلڪار جي جنازي نماز بعد سرڪاري اعزاز سان تدفين ڪئي وئي. ھوڏانھن پوليس ۽ ڳوٺاڻا جوابدارن  جا پيران کڻي انھن جي پويان ويل آھن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو . پوليس ترجمان گھوٽڪي موجب ايس ايس پي گھوٽڪي عمر طفيل شھيد جي وارثن سان ملاقات ڪندي تعزيت ڪئي  ۽ هن سندس وارثن  کي يقين ڏياريو ته  پوليس معامعلي جي ھر رخ کان جاچ ڪري رھي آھي جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري شھيد جي خون سان انصاف ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو