چورن سان مزاحمت ڪرڻ تي ڀاڳيو قتل، جوابدار فرار

چورن سان مزاحمت ڪرڻ تي ڀاڳيو قتل، جوابدار فرار

ڳڙھي خيرو(جاويد لغاري ) ڳوٺ ميانداد جمالي ۾ رات دير سان نوجوان قادر بخش جمالي چورن سان  مزا حمت ڪندي زخمي ٿي پيو جنهن کي بر وقت وارثن پاران تعلقي اسپتال آندو ويو جتي زخمن جا سور نه سھندي موقعي تي فوت ٿي ويو. ٻئي طرف پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي جاءِ واردات جو معائنو ڪيو ۽ پيري گهرائي وارثن جي موجودگي ۾ پيرو کنيو ويو جيڪو ڪجهه پنڌ تي گم ٿي ويو. ان موقعي تي پوليس جو چوڻ هو ته جيستائين خبر نه پوندي تيستائين ڪنهن کي گرفتار نه ڪيو ويندو نشاندهي ڪرڻ کان پوءِ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري قتل ٿيل نوجوان جي وارثن کي انصاف ڏياريو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو