چورن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل

چورن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل

گهوٽڪي (اسلم مهر) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ منير گل ۾ چورن جي ڀاڳي مٿان فائرنگ جي نتيجي ۾ 32 سالا نوجوان نويد اختر گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ميرپور ماٿيلو اسپتال نيو پئي ويو ته هو زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ فوت ٿي ويو. پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال گهوٽڪي کڻائي آئي جتان لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتي نوجوان کي ٻن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد پڻ آهي. مقتول جو لاش گهرپهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو