چنڊ تي چين جي 40 ميٽر اونهي کوٽائي، مٽي ۽ پٿرن جو تجزيو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چنڊ جي ڏاکڻي حصي، جنهن جو زمين ڏانهن رخ ناهي، ان تي چين کوٽائي ڪئي آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته 12 ميٽرن تائين صرف اعليٰ ڪوالٽي جي مٽي نڪتي آهي جڏهن ته40 ميٽرهيٺ هڪ پٿر مليو آهي جيڪو سج جي ريڊيئيشن ۽ شهاب ثاقب يا سيارچن جي ٽڪراءَ سان وجود ۾ آيو هجي ۽ چنڊ جي مٿاڇري تي ڪرڻ بعد هيٺ دٻجي ويو هجي. ان جاءِ تي هڪ وڏو کڏو پڻ آهي. چين جي خلائي مشن واري گاڏي 3 جنوري 2019 تي چنڊ جي هن حصي تي لينڊ ڪيو هو جنهن بعد مختلف تجربا ڪيا ويا آهن. خلائي گشتي گاڏي يوتو 2 يعني Yutu 2 هن مهل تائين فوٽو ۽ ويديو موڪليندي رهي جن جو تجزيو ڪرڻ بعد ماهرن هاڻي ان جا نتيجا شيئر ڪرڻ شروع ڪيا آهن. تجزياتي ماهرن جي ٽيم جي اهم ميمبر يان سو ، چين جي اڪيڊمي آف سائنس بيجنگ ۾ اها ڳالهه ٻڌائي آهي. چنڊ جي مٿاڇري کان 12 کان 40 ميٽرن تائين پٿر مليا آهن جيڪي سيارچن يا شهاب ثاقب جا ٽڪرا ٿي سگهن ٿا. ياد رهي ته چين دنيا جو واحد ملڪ آهي جيڪو چنڊ جي ڏورانهين ڏاکڻي حصي تي پهتو آهي ۽ چنڊ تي کوٽائي شروع ڪئي آهي. اڳ ۾ چنڊ تي چين ٻوٽو پوکيو هو جيڪو به سائو ٿي ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو