حيدرآباد (پ_ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ لال جروار، نور نبي پليجو ۽ قادر ڀٽو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته چناب ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪري، واپڊا چيئرمين ملڪ جي سالميت تي حملو ڪيو آهي، ڊيمن ۽ ڪئنالن کي جڳ جهان جا ماحولياتي ماهر رد چڪا آهن، سنڌو درياهه جو پاڻي روڪڻ لاءِ ڊيمن ۽ ڪئنالن جو ڄار وڃايو پيو وڃي، چناب ڊيم جي معاملي تي پيپلز پارٽي جي مجرماڻي ماٺ ٻڌائي ٿي ته پيپلز پارٽي بلاول کي وزيراعظم بڻائڻ جي لالچ ۾ سنڌ جو سودو ڪيو آهي، اڳواڻن چيو ته سنڌ دشمن واپڊا چيئرمين کي فوري طور هٽائي سمورن نون ڊيمن ۽ ڪئنالن جا منصوبا ختم ڪيا وڃن. هنن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جا منصوبا آهن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ايس آئي ايف سي جي خاتمي تائين نوان ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهڻ جي سازش ڪندا رهندا، انڪري ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ڀرپور عوامي جدوجهد جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ طرفان 25 جولائي تي لاڙڪاڻي، 3 آگسٽ تي حيدرآباد ۽ 27 جولائي تي نوشهري فيروز ضلعي جي جلالجي چودڳي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. ان سان گڏ ڌاڙيل راڄ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف 27 جولائي تي گهوٽڪي ۾ ڪانفرنس ۽ 24 آگسٽ تي پنو عاقل ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.










