چمن ڌماڪو، جي يو آءِ اڳواڻ آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي

بلوچستان( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي سرحدي علائقي چمن ۾ ڌماڪي ڇنڇر تي ٿيل ڌماڪي سبب فوت ٿي ويل جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري مولانا محمد حنيف کي آچر تي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس جنازي ۾ اهم شخصيتن سميت سندس گروپ جي اڳواڻ عبدالواسع به شرڪت ڪئي.

پارٽي جي سڏ تي بلوچستان جا ڪيترائي شهر سوڳ ۾ بند هئا هڙتال ڪئي وئي. ڌماڪي ۾ 12 سالن جي نينگر سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ڌماڪو چمن جي علائقي تاج روڊ تي ٿيو هو، جنهن سبب ڪيترن ئي گاڏين کي باهه لڳي وئي. پوليس جي وڏي نفري واقعي واري جڳهه پهچي علائقي کي گهيري ۾آڻي ڇڏيو هو. پوليس موجب ڌماڪي سبب ويجهن عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا هئا، بارودي مواد موٽرسائيڪل ۾ لڳائي روڊ جي ڪناري تي بيهاريو ويو هو ۽ ريموٽ ڪنٽرول سان ڌماڪو ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو