چمن ۾ حالتون معمول تي اچڻ لڳيون، بازارون کلي ويون

چمن ۾ حالتون معمول تي اچڻ لڳيون، بازارون کلي ويون

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي چمن ۾ رهواسين جون حالتون معمول تي اچڻ شروع ٿي ويون، بازارون به کلي ويون.ايس پي شاهد ڪاڪڙ جو چوڻ آهي ته چمن جي داخلي ۽ خارجي رستن تي پوليس ۽ ليويز اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي، جن شهرين کي اطمينان ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي.ياد رهي ته چمن ۾ رڳو صحيح پاسپورٽ ۽ ويزا رکندڙن کي چمن بارڊر پار ڪرڻ جي حڪومتي فيصلي خلاف چمن ۾ 7 مهينن کان ڌرڻو جاري آهي.ڌرڻي ۾ شريڪ اڳواڻن جي گرفتاري خلاف احتجاج پڻ شروع ڪيو ويو.چمن ۾ احتجاج سبب بئنڪون، نادرا، پاسپورٽ ۽ ٻيون آفيسون 37 ڏينهن به بند رهيون ۽ بئنڪون بند هئڻ سبب ملازم اڃا تائين پگهارن کان محروم آهن.سڄي ضلعي ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس پڻ معطل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو