چمن  ڌرڻي جو مسئلو طاقت نه پر ڳالهين سان حل ٿيندو، مولانا

چمن ڌرڻي جو مسئلو طاقت نه پر ڳالهين سان حل ٿيندو، مولانا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چمن ڌرڻي تي قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته 8 مهينن کان جاري چمن واري ڌرڻي تي رياستي فوجن طرفان حملو ڪيو ويو آهي،چمن بارڊر تي 8 مهينن کان هزارين ماڻهن جو روزگار جي حق لاءِ گڏ ٿيا هئا ان جي بدران حڪومت ڪجهه قدم کڻي ها، عوام سان ڳالهيون ڪري ها پر اڄ ائين نه ٿيو، ايف سي انهن تي حملو ڪيو آهي، اڄ چمن جي گهٽين ۾ ويڙهه جاري آهي، فورسز فائرنگ ڪري رهيون آهن، مرڻ جا اطلاع ناهن پر ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن،هي رڳو چمن نه پر افغان سرحد تي رهندڙ قبيلن ۽ رياست وچ ۾ تڪرار آهي، انگور اڊا ۽ ٻين سرحدن تي قبائلين جي زندگي مشڪل بڻائي پئي وڃي،افغان سرحدن تي پابنديون مقامي آبادي کي متاثر ڪري رهيون آهن، پاسپورٽ لاڳو ڪيا پيا وڃن،مشاورت کانسواءِ افغان سرحد تي رهندڙ ماڻهن تي زبردستي فيصلا نه ٿا ڪري سگهجن، جنرل ايوب خان جي دور ۾ به اهڙي ڪوشش ڪئي وئي، پر اها ڪامياب نه ٿي سگهي، پوءِ ضياءُ الحق، مولانا فضل الرحمان سرحد کي ختم ڪري ڇڏيو.اوهان قوم کي ڇا ٿا چئون ته فوري طور تي قومي اسيمبلي جي ڪميٽي جوڙيو اها وڃي چمن رپورٽ پيش ڪري، چمن جي صورتحال تي فوري طور پارليامينٽ ۾ رپورٽ پيش ڪري،

پهنجو تبصرو موڪليو