چمن(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي چمن ۾ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٻه طرفي واپار ۽ پيدل ٽريفڪ 7 ڏينهن کانپوءِ بحال ٿي وئي آهي.ڪسٽم اختيارين موجب باب الستي ۾ ڪسٽم ڪليئرنگ ۽ اميگريشن آپريشن ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي.ڪسٽم عملدارن چيو آهي ته وچ ايشيا ڏانهن پاڪستاني تازي ميون جي برآمد به دوستي جي باب ذريعي بحال ڪئي وئي آهي.افغانستان مان ٽماٽن ۽ پياز جي برآمد 7 ڏينهن جي وقفي کانپوءِ ٻيهر شروع ٿي وئي آهي.دوستي جي باب جي ٻنهي پاسن تي پاڪستاني ۽ افغان سيڪيورٽي فورسز هاءِ الرٽ آهن.دوستي جو باب کولڻ کانپوءِ پاڪ افغان بارڊر فورسز هڪ ٻئي سان هٿ ملايو.واضح رهي ته چمن جي علائقي باب دوستي تي افغان بارڊر تان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ پاڪستاني اهلڪار جي شهادت کانپوءِ سرحد تي ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي هئي.ڇڪتاڻ سبب پاڪستان-افغان سرحد هر قسم جي ٽريفڪ ۽ واپار لاءِ بند ٿي وئي، جنهن سبب سرحد جي ٻنهي پاسن تي هزارين پاڪستاني ۽ افغان شهري ڦاٿل رهيا.
ٽيڪس وصولي ۾ ناڪامي، وڏي وزير جي سخت ڪاوڙ
ٻار ڄڻڻ ۽ ماءُ بڻجڻ وارن تجربن بابت زارا نور ڇا ٿي چوي؟
جاپاني شهرين تي حملي جي ابتدائي جاچ ۾ اهم پيش رفت
علامه ايڪسپريس جي انجڻ کي باهه لڳي وئي
بارش سبب 3 ڏينهن دبئي ۾ ڦاٿل ڪرڪيٽر آمريڪا پهچي ويا
يوڪرين پاران روسي جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
ٽرمپ جي عدالت ۾ حاضري وقت هڪ شهري جي خود سوزي
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا