چلهه جي چڻنگ مان باهه، 5 گهر سڙي رک ٿي ويا

چلهه جي چڻنگ مان باهه، 5 گهر سڙي رک ٿي ويا

اوٻاوڙو(رپورٽ غلام علي رند)ڪمون شھيد ويجهو ڳوٺ خميسو چاچڙ ۾ چلهه جي چڻنگ اٿڻ سبب پنجن گهرن کي باھ وڪوڙي وئي. باھ لڳڻ سبب گهرن ۾ پيل قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو. ڳوٺ خميسو چاچڙ جي رهواسي لعل بخش چاچڙ حسين بخش چاچڙ ۔دلبر چاچڙ۔ گل بهار چاچڙ ۽ ٻين جي گهرن کي اوچتو باھ لڳڻ سبب گهر ۾ پيل اناج ۽ قيمتي ساماڻ سڙي رک ٿي ويو. علائقي واسين جي پهچڻ کان اڳ ئي پوري گهرن کي باھ وڪوڙي وئي هئي جنهن بعد گهر مڪمل طور سڙي ويا ۔فائر برگيڊيئر عملو ۽اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو ۽ مختيارڪار به موقعي تي پهچي ويا. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته اسان جون 15 ٻڪريون ۽ 8 مينهون به سڙي زخمي ٿيون آھن گهرن ۾ پيل پورو سامان سڙي رک ٿي ويو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو