گلگت (ويب ڊيسڪ)گلگت بلتستان جي علائقي چلاس ۾ قراقرم هاءِ وي تي اڻڄاتل ماڻهن هڪ بس تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ بس ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا.پوليس موجب فائرنگ جو واقعو حدور ويجهو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ بس ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي ۽ بس کي باهه لڳي وئي. ڊپٽي ڪشمن ديامر عارف احمد موجب بس ۾ 26 مسافر سوار هئا، حادثي ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ 16 زخمي ٿي پيا. پوليس موجب مسافر بس غذر ضلعي کان راولپنڊي وڃي رهي هئي، حادثي واري هنڌ ريسڪيو ٽيمون روانيون ڪيون ويون آهن. ڊپٽي ڪمشنر چلاس جو چوڻ آهي ته فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ريجنل هيڊڪوارٽر اسپتال چلاس منتقل ڪيو ويو آهي. گلگت بلتستان جي گهرو وزير شمس لون خصوصي معاونن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته چلاس ويجهو مسافر بس تي فائرنگ کليل دهشتگردي آهي. شمس لون چيو ته دهشتگردي ۾ ملوث جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، دهشتگردي جي واقعي ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ کي رد نٿو ڪري سگهجي.










