چرس اسمگلنگ ڪيس، پوليس وارا ايم اين جي ڀاءُ تي بَڪي پيا

چرس اسمگلنگ ڪيس، پوليس وارا ايم اين جي ڀاءُ تي بَڪي پيا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)چرس اسمگل ڪيس ۾ گرفتار سي آءِ اي ڄامشورو جي اهلڪارن بيان ڏيندي چيو آهي ته سب انسپيڪٽر سرور راھپوٽو، اصغر پنهور ۽ نثار ڀٽي جي چوڻ تي اسان ڄامشوري مان ڪراچي لاء موبائل تي نڪتاسين، اسان کي پارسل ڏئي چيو ويو ته ھي ڪراچي پھچائڻو آھي، شيرين جناح ڪالوني ۾ همراهه توهان کان وٺندو، هن چيو ته اسان کي خبر نه ھئي ته پارسل ۾ ڇا آھي، اسان صرف آفيسرن جو حڪم مڃيوسين، اسان جڏھن ڪراچي پھتاسين ته سرور راھپوٽو ڏي فون ڪئي، جنھن تي سرور راھپوٽو چيو ته انتظار ڪريو ھمراھ اچي پيو توھان وٽ، اڌ ڪلاڪ بعد سرور راھپوٽو جو نمبر ملايو ته بند ھيو، هن چيو ته اسان انتظار ڪري ئي رھيا ھئاسين ته رينجرز وارا اچي ويا ۽ انهن پارسل جون سيلون کوليون اسان بيگناھھ آھيون اسان کي خبر ئي نه ھئي ته ھن پارسل ۾ چرس پيل آھي. اسان آفيسرن جو حڪم مڃيو آھي، ڇا اھو اسان جو ڏوھ آھي. ٻئي پاسي ايس يو پي اڳواڻ سيد جلال شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪرپشن حد کان وڌيڪ آهي ء۽ هاڻي ته ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جا مائٽ اسمگلنگ تي لهي آيا آهن. هن چيو ته ڄامشورو سي آءِ اي جو انچارج سرور راهپوٽو ايم اين اي سڪندر راهپوٽو جوڀاءَ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو