شهدادڪوٽ (ن س) قمبر جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج غلام قادر تنيو جي عدالت ۾ قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت جوابدار محمد نواز ٽوٽاڻي کي موت جي سزا ۽ 5 لک روپيا ڏنڊ وڌو آھي جوابدار 2012 ۾ ڊرگهہ ٿاڻي جي حد ۾ پاڻي جي معاملي تان پنهنجي چاچي محمد پيرل ٽوٽاڻي کي قتل ڪيو هيو ڪيس جي ٻڌڻي دوران اهڙو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس سزا ٻڌائي وئي آھي.










