چانڊين ۽ سولنگين جي جهيڙي ۾ 4 فوتين جي تدفين، ڌرين م تاءُ

دادو(ادل مهيسر) چانڊيا سولنگي جهيڙي جي 4 فوتين کي آچر تي تدفين ڪئي وئي.، پوليس علائقي ۾ پڪٽ قائم ڪري گشت وڌايو آهي. ڪالهه لطيف آباد ڪالوني ۾ بجلي جي ڪنڊي لڳائڻ تان سولنگي ۽ چانڊيا برادرين جي ماڻهن ۾ مهينو پراڻي منهن ماري سبب معمولي ڳالهه تان ٻيهر جهيڙو ٿي پيو هو ۽ فائرنگ ۾ چانڊيا برادري جا 2 ڄڻا عظيم پٽ شاهن چانڊيو ۽ سونو پٽ نواب چانڊيو مخالفن جي گولين جو کاڄ ٿي ويا، جڏهن ته 2 ڄڻا منير چانڊيو ۽ پنهل چانڊيو زخمي ٿي پيا، ٻي ڌر سولنگي برادري جا 2 نوجوان ضمير احمد پٽ فضل سولنگي، اصغر علي پٽ غلام شبير سولنگي مخالفن جي گولين جو شڪار ٿي ويا ۽ 2 ڄڻا علي انور سولنگي ۽ غلام مصطفي سولنگي زخمي ٿي پيا.

ٻنهي ڌرين جي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. سولنگي برادري جي زخمين کي حيدرآباد ۽ چانڊيا برادري جي زخمين کي سول اسپتال دادو کان نواب شاهه ريفر ڪيو ويو. فائرنگ جي ڏهڪاءُ سبب لطيف آباد محمد شاهه ۽ ورڪشاپ ڪالونين ۾ خوف ۽ حراس ڇانيل آهي. ٻنهي ڌرين وچ ۾ جهيڙي جو امڪان آهي ٻنهي ڌرين جي فوتي ۽ زخمين کي دادو اي سيڪشن پوليس کڻي سول اسپتال دادو پهچايو ته ڌرين ۾ ماحول گرم ٿي ويو. سوين پوليس اهلڪارن  سول اسپتال  پهچي ڌرين کي ٻيهر جهيڙي ڪرڻ کان روڪي ورتو پوليس ڪنٽرول سنڀالي ورتو سول اسپتال ۾ ايمبولينس نه هئڻ ڪري هڪ لاش وارث موٽر سائيڪل تي کڻي ويا. دادو شهر جي رهواسين ايس ايس پي دادو کان گهر ڪئي آهي ته ڌرين تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ لطيف آباد ڪالوني محمد شاهه ڪالوني ۽ ورڪشاپ ڀرسان پوليس پڪٽون قائم ڪري موبائل گشت وڌايو وڃي. هوڏانهن هڪ ٻيو واقعو روڊ حادثي جو رپورٽ ٿيو آهي ، دوداڻي شاخ انڊس هائي وي تي تيز رفتار ڪار جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪار ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ هڪئي خاندان جا 3 ماڻهو مسمات سڪينه زال ارباب ڪانڌڙو،شفيق احمد پٽ رفيق احمد ،14 سالا فراز احمد پٽ فدا حسين،موقعي تي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 ڄڻا مسمات بشيرا زال رفيق احمد،۽ نياز حسين پٽ ارباب ڪانڌڙو سخت زخمي ٿي پيا. زخمين ۽ فوتين جا لاش سول اسپتال دادو آندا ويا،نازڪ حالت سبب زخمين کي دادو کان نواب شاهه اسپتال ريفر ڪيو ويو بدنصيب خاندان ڄامشورو کان پنهنجي شهر نصيرآباد وڃي رهيا هيا.

پهنجو تبصرو موڪليو