چاندي، سون جي شرح کان وڌيڪ مهانگي، سبب ڇا آهي؟

چاندي، سون جي شرح کان وڌيڪ مهانگي، سبب ڇا آهي؟

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ سون جي قيمت وڌندي پئي وڃي، پر ان سان گڏوگڏ چاندي جي قدر ۾ به تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي.
تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عالمي منڊي ۾ چاندي جي في اونس قيمت 3.6 سيڪڙو اضافي سان 90 ڊالر تائين پهچي وئي آهي. اهڙيءَ طرح نئين سال جي پهرين ٻن هفتن ۾ چاندي جي قيمت ۾ 25 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.
هڪ اونس لڳ ڀڳ اڍائي تولن جي برابر هوندو آهي. انهي حساب سان چاندي جي في تولو قيمت 37 ڊالر، يعني لڳ ڀڳ 10 هزار پاڪستاني رپيا بڻجي ٿي.
سن 2025 دوران پاڪستان ۾ سون جي في تولو قيمت سالياني طور هڪ لک 84 هزار 362 رپيا وڌي، جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ چاندي جي قيمت ۾ سالياني چار هزار 368 رپين جو اضافو ٿيو، ۽ سن 2025 جي پڄاڻي تي چاندي جي في تولو قيمت 7 هزار 718 رپين تائين پهچي وئي.
چاندي جي قيمت ۾ واڌ سن 2026 ۾ به جاري آهي، ۽ اڱاري ڏينهن ملڪ ۾ چاندي جي في تولي قيمت 9 هزار 75 رپيا رهي.
دنيا ۾ ڌاتون مهانگيون ڇو ٿي رهيون آهن؟
ايشيائي منڊين ۾ سون جي قيمت به 0.7 سيڪڙو وڌي وئي، جنهن سان سون جي في اونس قيمت 4 هزار 620 ڊالر تائين پهچي وئي، جيڪا پنهنجي بلند ترين سطح کان صرف 15 ڊالر گهٽ آهي.
ٽامون، پلاٽينم ۽ پيليڊيم (ڌاتن جو هڪ قسم) جي قيمتن ۾ به اضافو ٿيو آهي. قيمتي ڌاتن جي قيمت ان وقت وڌي، جڏهن آمريڪي مرڪزي بينڪ (يو ايس فيڊرل ريزرو) جي چيئرمين جيروم پاول خلاف جاچ سبب اداري جي آزادي بابت خدشا پيدا ٿيا.
ان کان علاوه، آمريڪا ۾ مهانگائي بابت انگ اکر امڪان کان گهٽ نڪتا آهن، جنهن سبب سن 2026 ۾ وياج جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي جا امڪان وڌي ويا آهن، جڏهن ته جغرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ ماڻهن کي محفوظ اثاثن ۾ سيڙپڪاري ڏانهن راغب ڪيو آهي.
محفوظ اثاثن جي طلب وڌڻ جا سبب هي به آهن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا وينزويلا ۾ فوجي ڪارروائي جا حڪم، گرين لينڊ حاصل ڪرڻ بابت نوان مطالبا، ۽ ايران ۾ تشدد واري احتجاج جي نتيجي ۾ حڪومت جي تبديلي جا امڪان.
سٽي گروپ جي تجزيه ڪارَن اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ ٽن مهينن ۾ سون جي في اونس قيمت 5 هزار ڊالر ۽ چاندي جي في اونس قيمت 100 ڊالر تائين وڃي سگهي ٿي، جنهن جو سبب وڌيڪ طلب ۽ گهٽ رسد آهي.
ڊيوڊ چاؤ، جيڪو سيڙپڪاري جون خدمتون ڏيندڙ اثاثه انتظامي ڪمپني “انويزڪو” ۾ عالمي منڊين جي حڪمتِ عملي ترتيب ڏئي ٿو، چوي ٿو ته مهانگائي ۽ مالي عدم استحڪام کان بچاءَ لاءِ قيمتي ڌاتن جي طلب هن سال به جاري رهندي.
هن وڌيڪ چيو ته جغرافيائي سياست ۾ غير يقيني صورتحال سبب سون، چاندي جي مقابلي ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهي ٿو.
هڪ سال ۾ 150 سيڪڙو منافعو: چاندي جي طلب ڇو وڌي؟
گذريل سال قيمت ۾ 150 سيڪڙو اضافي سان چاندي، سون کان به اڳتي نڪري وئي. ڪموڊٽيز شعبي جي ماهر احسن محنتي بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته سن 2025 ۾ چاندي جي قيمت ۾ 150 سيڪڙو تائين اضافو ٿيو، جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ سون جي قيمت ۾ لڳ ڀڳ 73 سيڪڙو واڌ ٿي.
احسن محنتي موجب چاندي جي قيمت وڌڻ جو بنيادي سبب ان جي عالمي سطح تي وڌندڙ طلب آهي، جيڪا خاص طور چين مان اچي رهي آهي، جتي صنعتي شين جي تياري ۾ چاندي وڏي پيماني تي استعمال ٿئي ٿي. هن چيو ته چين جغرافيائي ۽ سياسي حالتن سبب ڌاتن جي قيمت وڌڻ جي امڪان تحت چاندي کي ذخيرو ڪري رهيو آهي.
سون کي محفوظ سيڙپڪاري سمجهيو وڃي ٿو، پر صنعتي شين ۾ چاندي جو استعمال ان جي قيمت کي به وڌائي ڇڏيو آهي. ڌاتن جي شعبي جي ماهر احسن الياس ٻڌايو ته چاندي جو استعمال برقي گاڏين، بيٽرين، سولر پينلز، موبائل فونز ۽ ٻين شين ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن سبب طلب وڌي آهي، پر رسد گهٽ آهي.
هن چيو ته في الحال چاندي جي قيمت ۾ گهٽتائي جو ڪو امڪان نظر نٿو اچي، ۽ ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو. الياس موجب چين ۾ طلب وڌڻ سبب اتي چاندي جي قيمت 95 ڊالر في اونس تائين پهچي وئي آهي.
آمريڪا ۾ سيڪشن 232 تحت ٿيندڙ جاچن سبب به اهو خدشو پيدا ٿيو آهي ته آمريڪا چاندي تي اضافي ٽيرف لاڳو ڪري سگهي ٿو، جنهن ڪري چاندي کي منڊي ۾ آڻڻ بدران گودامن ۾ ذخيرو ڪيو پيو وڃي، ۽ رسد گهٽجي وئي آهي.
اهي جاچون آمريڪي واپار کاتو ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ اهو ڏٺو ويندو آهي ته ڪنهن شئي جي درآمد قومي سلامتي لاءِ خطرو ته ناهي. انهن جاچن جا نتيجا عالمي واپار تي اثر وجهي سگهن ٿا.
2018 ۾ اسٽيل ۽ ايلومينيم تي اضافي محصولن دنيا ۾ واپاري ڇڪتاڻ پيدا ڪئي هئي. سيڪشن 232 تحت هلندڙ جاچن جي نتيجي ۾ آمريڪا چاندي جي درآمد تي محصول لاڳو ڪري سگهي ٿو، جنهن سان چاندي جي قيمتن ۽ عالمي رسد تي اثر پئجي سگهي ٿو.
پاڪستان ۾ چاندي جي خريد ۽ وڪري جي مجموعي مقدار بابت ڪو مستند انگ اکر موجود ناهن. احسن محنتي چيو ته هن وقت پاڪستان مرڪنٽائل ايڪسچينج ۾ چاندي جي خريد ۽ وڪري جا انگ اکر موجود آهن، جتي جسماني طور چاندي جي ترسيل نٿي ٿئي، پر ايڪسچينج ۾ ٿيندڙ واپار موجب چاندي جو روزانو ڪاروبار لڳ ڀڳ 12 ارب رپيا آهي.(صحافي تنويرملڪ جي هي رپورٽ بي بي سي اردو تي شايع ٿي جيڪا سندن ٿورن سان اسين پيش ڪريون ٿا. ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو