چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن وفد جي  وزيراعظم سان ملاقات

چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن وفد جي وزيراعظم سان ملاقات

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن جي وفد ملاقات ڪئي.ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ واڌ ٻنهي ملڪن جي ڏهاڪن کان جاري دوستي جو ثبوت آهي.شهباز شريف چيو ته ڪراچي ۾ ڪي 3 منصوبي جو افتتاح پاڪ چين لاڳاپن ۾ وڌيڪ استحڪام جو عڪس آهي.وزيراعظم چيو ته هي پاور پلانٽ نه رڳو پاڪستان جي وڌندڙ بجلي جي ضرورتن کي پورو ڪندو پر گهٽ خرچ ۽ ماحول دوست بجلي پڻ فراهم ڪندو.هن چيو ته ڪي 3 منصوبو پاڪستان جي ڊگهي مدي واري اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.ان کان علاوه وزيراعظم سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته ڪي 3 جي شامل ٿيڻ سان ائٽمي پاور پلانٽ مان بجلي جي پيداوار 3600 ميگاواٽ تائين پهچي وئي آهي.وزيراعظم لکيو ته مقامي ذريعن مان بجلي پيدا ڪرڻ سان ٻارڻ جي درآمد ۾ گهٽتائي، ٽيرف ۾ گهٽتائي ۽ عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ ۾ مدد ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو