دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سيل انچارج بينظير جمالي ننڍي عمر شادي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. دادو شهر جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سيل انچارج انسپيڪٽر بينظير جمالي ڪاروائي ڪري ننڍي عمر جي شادي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، ننڍي عمر جي شادي ڪرائيندڙ نينگري جو والد کي وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سيل انچارج انسپيڪٽر بينظير جمالي گرفتار ڪري ورتو آهي واقعي جو ڪيس بي سيڪشن ٿاڻي تي گناهه نمبر 5/2021 تحت سرڪاري فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، داخل ڪيل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڳجهي اطلاع تي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڪاروائي ڪندي ونهواهه ۾ ويٺل نينگري 13 سالا ڪرشما ڌي محبوب جتوئي کي تحويل ۾ ورتو ويو جڏهن ته ڌي جي ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائڻ جي ڏوهه ۾ نينگري جي پيءَ محبوب جتوئي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب ڪيس ۾ گهوٽ لياقت اوٺو ۽ ان جي والد محبوب اوٺو کي به شامل ڪيو ويو آهي، گهوٽ ۽ ان جو والد گرفتار نه ٿي سگهيو آهي، رابطي ڪرڻ تي وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سيل انچارج انسپيڪٽر بينظير جمالي جو چوڻ هو ته ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائڻ قانوني ڏوهه آهي اطلاع مليو ته 13 سالا نينگري جي شادي سندس ئي والد والد محبوب جتوئي ڪرائي رهيو آهي جنهن تي ڪاروائي ڪئي ته نينگري ونواهه ۾ ويٺل هئي نينگري ڪرشما کي صبح جو عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.










