ڄڃ سان حادثو 3 ڄڻا فوت 8 ٻيا زخمي ٿي پيا

ڄڃ سان حادثو 3 ڄڻا فوت 8 ٻيا زخمي ٿي پيا

ڪشمور(رپورٽ اصغر علي چانڊيو )ڪشمور عظيم ڦاٽڪ وٽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي روڊ تي افسوس ناڪ روڊ حادثو تيز رفتار ٽرڪ ۽ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ لکي غلام شاهه کان شادي جي ڄڃ سان گڏ ڪشمور طرف ايندڙ موٽرسائيڪل سوار 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت مدئجي جي صحافي سميت 8 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا ٽرڪ ڊرائيور فرار ڪشمور پوليس ٽرڪ تحويل ۾ وٺي ڇڏي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، فوتين ۾ لکي غلام شاهه جاڙو واھ واسي تنوير بروھي، ياسر بروهي ، حنيف بروهي ٿڏي تي فوت ٿي ويا. حادثي جي زخمين ۾ مدئجي پريس ڪلب جو ميمبر صحافي شعيب بروهي، محمد بخش بروهي، شاهزيب بروهي، ڪامران بروھي ادريس بروھي مقصود بروھي رياض بروهي عبدالحئي بروهي، زخمين ٿيا آهن حادثي جي فوتين ۽ زخمين کي ڪشمور سول اسپتال آندو ويو جتي طبعي امداد ڏني وئي  فوت ٿي ويلن جي وارثن جو وڏي انگ ۾ ڪشمور سول اسپتال پھتا ھر طرف ڪيھاٽ  مچي ويو ڪشمور انتھائي سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو  حادثي جو شڪار موٽرسائيڪل سوار لکي غلام شاهه کان ڪشمور ڪچي جي گيھلپور واري علائقي ۾ شادي جي ڄڃ سان گڏ اچي رهيا هئا ته عظيم ڦاٽڪ ۽ مانگھر ڦاٽڪ وٽ انڊس هاءِ وي تي حادثي جو شڪار ٿيا ڪشمور پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتين ۽ زخمين کي ريسڪيو ڪيو ٽرڪ ڊرائيور واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويو ڪشمور پوليس ٽرڪ تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو