ڪشمور( جي ايم کوسو) راڄن پور جي ڄامپور جي انڊس ھاء وي جي انڊر پاس تي راولپنڊي کان ڪراچي وڃڻ واري ڪوچ تيز رفتاري جي ڪري ڪلٽي ٿيڻ سبب امان الله ۽ 4 سالن جي بتول ٿڏي تي دٻجي فوت ٿي ويا جڏھن ته 7عورتن ۽ 2معصوم ٻارن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ملتان نشتر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جڏھن ته 36 زخمي ڄامپور جي تعلقه اسپتال ۾علاج خاطر داخل آھن باقي 4 ڄڻن کي علاج ڪرڻ بعد فارغ ڪيو ويو ريسڪيو وارن جو چوڻ آھي ته ھڪ ڄڻو ڪوچ جي ھيٺيان جيئري حالت ۾ ڦاٿل هو جنھن کي به ڪوچ جي باڊي ڪٽي ڪڍيو ويو آهي.










