ڀڳت سنگهه ۽ آدرشي سياست، بخشل ٿلهو

اڄ ڀڳت سنگهه جي شهادت جو ڏينهن آهي. توڻي جو  ڀڳت سنگهه جي آخري خواهش اها هئي ته کيس گولي هڻي ماريو وڃي پرکيس ٽيويهه  سالن جي عمر ۾ (سندس ساٿين سُکديو ۽ راج گرو سان گڏ) انگريز بيٺڪيت 23 مارچ سن  1931ع  ڌاري لاهور ۾ دهشتگرد چئي ڦاهي تي چاڙهي ڇڏيو هو. گانڌي جا لارڊ آئرون کي  ايلاز ۽ موٽ ۾ آئرون جا مٿاڇرا آسرا به ڪم نه آيا. اچن به ڪيئن ڀڳت معافي وٺڻ وارن منجهان ڪونه هو. جن آدرشن کيس موهيو هو سي هيا ئي اهڙا جو جيترو به انهن لاءِ پنهنجي نفي ڪجي ها گهٽ هجي ها. لطيف جي انهن سٽن وانگي ته “صورت جا ساهڙ جي سا جي ڏٺي آن، ته هوند نه پليو مان گهڙو سڀ گهڙا کڻي.” اهو هڪ اهم سوال آهي ته اها ڪهڙي شئي آهي جيڪا اسانکي موجود حقيقت سان هڪ ٻي ۽ خاص رشتي ۾ جوڙي ٿي.؟ اها ڪهڙي قابليت آهي ۽ ڪٿان حاصل ٿيندي آهي جيڪا انهن انقلابين اهو ڪُجهه ڏيکاريندي آهي جيڪو عام اک ناهي ڏسندي. ڇا اها زندگي ۽ انسانيت سان محبت آهي؟ جئين لطيف چيو ته “ڪونهي آڳهه اهڙو، جهڙي محبت من.” يا اهو ننڍپڻ جو جليانوالا باغ جهڙو جهنجهوڙيندڙ تجربو آهي جيڪو اسانجي لاشعور کي به ظلم خلاف ڪروڌ ۽ مزاحمت سان ڀري ڇڏي ٿو يا اها ڪا سمجهه ۽ عقلي شعور آهي  جيڪو نه صرف ڪائنات بابت پر خود پنهنجي ذات ڏانهن به رويو بدلائي ڇڏي ٿو. شايد ان مامري تي افلاطون اسانجي ڪجهه مدد ڪري جيڪو يوناني تاريخ جو هڪ عظيم فلسفي هو جنهن کي گهربل مڃتا اسان وٽ اڃا ناهي ملي. ڇو ته جن سماجن ۾ علم ۽ ادب جي سراسري سطح ڪمزور هوندي آهي اتي عظيم ماڻهن جي قد ڪاٺ جو اندازو به ڪمزور هوندو آهي نتيجي طور اسان جي ان سادگي کان افلاطون به نه بچي سگهيو.

افلاطون موجود دنيا جي تضاد تي ڳالهايو ۽ ان کي موجود مادي ۽ جوهر جي خيالي دنيا ۾ ورهايو. جنهن ۾ ڏيک جي کٽل دنيا ۽ خيالن جي اصل دنيا جي نقل کانسواءِ ٻيو ڪُجهه ڪونه هئي. لازمي طور اهو دنيا جو خيال پرستاڻو نقطه نظر هو جنهن کي اولهه جي وچين دور ۾ مذهب سان هڪ ڪيو ويو پر انجو ڪمال اهو هو ته هن موجود حقيقت کي متضاد ۽ موجود دنيا کي کٽل ڄاڻايو. سو مطلب ته سچ صرف اهو ڪونهي جيڪو نظر اچي ٿو. سنڌيءَ ۾ سچ ۽ حقيقت ڄڻ ته هڪ ئي شئي جا نالا آهن. پر فلسفي اندر حقيقت ۽ سچ ۾ فرق هوندو آهي. بلڪل ايئن جيئن خدا ۽ سرمايي جو مثال آهي جيڪي حقيقت طور موجود  آهن پر سچ ناهن. اهڙي ريت کوڙ ساريون شيون آهن جن جو وجود حقيقت آهي پر ڪنهن ٻي گهري  ۽ ٺوس (Concrete) حقيقت جي تجريد طور. تجريدي حقيقتون بظاهر ته اسانکي آزاد ۽ ٺوس حقيقتن جو سبب محسوس ٿينديون  آهن پر سچ انجي ابتڙ هوندو آهي. مٺي شين جي ڪري مٺاڻ جو تصور آهي نه ڪي مٺاڻ جيڪري مٺيون شيون. جڏهن دنيا جي ان ابتي بيهڪ کي ڏاها سمجهندا آهن تڏهن دانهن ڪري چوندا آهن ته “لوڪ وهي لهوار تون اونچو وهه اُڀار”  ۽ ڪي گهٽ ماڻهو هوندا آهن جيڪي ان  سچ ۽ دانهن کي ڪنائي سگهندا آهن. ڀڳت سنگهه انهن گهٽ ماڻهن منجهان هو  جن جون اوليتون ۽ آدرش عام جي ابتڙ هوندا آهن. ڀڳت سنگهه پنهنجي ننڍي عمر باوجود پنهنجي خيالن ۽ آدرشن ۾ پنهنجي هم عصر وڏن سياسي نالن کان وڏو هئو. رياست، مذهب، ذاتي ملڪيت، بيٺڪيت ۽ سامراجيت سميت کوڙ سارن سوالن تي سندس سنجيده سوچ  ٻين کان گهڻي گهري هئي. ڀڳت سنگهه لاءَ هڪ عام تصور اهو هوندو آهي ته هو هڪ انارڪسٽ ۽ مهم جو نوجوان هو. جنهن کي صرف پُر تشدد ڪارواين سان انگريز سرڪار خلاف دهشت ڦهلائڻي هئي. ڀڳت لاءِ تڏهوڪو سرڪاري موقف به لڳ ڀڳ اهو هو پر سچ اهو هو ته ڀڳت شروعاتي طور انارڪزم ۽ خاص طور انارڪسٽ مفڪر باڪونن کان متاثر ضرور ٿيو هو ڪجهه مضمون انارڪزم بابت لکيا به هيائين. پر جلد ئي پارٽي، ڪيڊر ۽ پرولتاريه آمريت بابت سندس خيال لينني ٿيا. اهو عمل جيل اندر ويتر تيز ۽ بهتر ٿيو.  ڀڳت سنگهه جي ويجهي ساٿي جيتندرناٿ سنيال جنهن پهريون ڀيرو ڀڳت سنگهه جي جيون ڪٿا 1931ع ۾ لکي ۽ ان لاءِ کيس جيل به وڃڻو پيو پنهنجي هڪ ڪورٽ بيان ۾ چيو ته “ ڀڳت هڪ ڪميونسٽ ۽ بين القواميت پسند هو” هو ذات، پات رنگ، نسل ۽ مذهب جي اثرن کان آجو هيو. هُن هڪ دفعي لکيو ته “هڪ ڪتو اسانجي جهولي ۾ ويهي سگهي ٿو ۽ اسانجي پورچيخاني ۾ آرام سان گهمي سگهي ٿو پرهڪ انسان جو ڇهاو اسان منجهه مذهبي غصي کي جنم ڏيئي ٿو.” ڀڳت سنگهه هڪ آزادي پسند اڳواڻ هو پر ساڳي وقت تنگ نظر قومپرستيءَ کان آجو هئو ۽ سندس خيال  هو ته آزادي صرف سياسي مامرو نه پر سماجي مامرو به آهي. جيل منجهان 3 مارچ 1931ع ڌاري پنهنجي آخري نياپي ۾ هُن لکيو ته “ هندستان ۾ جدوجهد اوسيتائين جاري رهندي جيسن آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو پنهنجي مفادن آهر عام ماڻهن جي پورهيي جو استحصال ڪندا رهندا. ان شئي جي اهميت گهٽ آهي ته استحصال ڪندڙ نج انگريز آهن، يا انگريز ۽ هندستاني هڪ اتحاد ۾ آهن يا نج هندستاني آهن. هڪ ٻي هنڌ هُن چيو ته ان شئي جو فرق بنهه گهٽ ٿو پوي تي هندستان تي حڪمراني انگريز ٿا ڪن يا پرشوتم داس ٺاڪر (ان دور جو هڪ امير صنعتڪار). ان لحاظ چئي سگهجي ٿو ته مذهبي انتهاپسندي، بُک بدحالي، انفرادي نفسانفسي واري هن  اڄوڪي دور ۾ ڀڳت سنگهه پنهنجي دهريت، لکڻين، سامراج مخالفت، سماجي معاشي برابري جي آدرشن، مزاحمت ۽ اتساهه سببان، ورهاڱي کان اڳ واري هندستان جي سمورن اڳواڻن کانوڌيڪ  اڄ نسبتي ۽ اهم آهي، جيڪي سڌي يا اڻ سڌي ريت ڪميونل سياست جو شڪار ٿيا. توڻي جو اڄوڪو دور اڃا تائين ويهين صدي جي پوئين اڌ جي رد انقلاب جي اثرن کان آجو ناهي ٿي سگهيو، توڻي جو مابعد جديديت سمورن آدرشن تي، اهو چئي سوال پيدا ڪري ڇڏيو آهي ته ڪائناتي سچ ٿيندا ئي ڪونهن يا اهڙا سمورا سچ يوٽوپيا آهن. پوءِ به ڀڳت سنگهه، چي گويرا، پيٽرس لمببا، حسن ناصر ۽ نذير عباسي  جهڙا انيڪ ڪردار ان سموري اٿل پٿل کان مٿانهان ٿي بيٺا آهن ۽ مائو جي ان سمجهاڻي جو عملي اظهار آهن ته سامراجين ۽ حڪمرانن جو هڪ اصول آهي. استحصال ۽ ناڪامي وري استحصال وري ناڪامي وري وري استحصال ۽ وري وري ناڪامي.

انجي ابتڙ انقلابين جو اصول هوندو آهي ته ناڪامي ۽ مزاحمت، وري ناڪامي وري مزاحمت، وري وري ناڪامي ۽ وري وري مزاحمت. تاريخ جو انجڻ انهيءَ طبقاتي جهيڙي سبب ئي هلندو رهيو آهي جنهن ڏانهن مابعد جديديت جي نظر پوي ئي ڪانه ٿي. مابعد جديديت نه ٿي سمجهي سگهي ته جن ڪائناتي سچن کي هُن لاحاصل قرار ڏنو اُهي ڪهڙي ريت هڪ انقلابي جي من اندر سرفروشي جي تمنا ٿي ڦٽن ٿا ۽ ان لڪل خيالي سچ کي جن ڏانهن افلاطون اشارو ڪيو هو، سڀ سامهون آڻي پنهنجي نيزي سر قربانين سان نروار ڪن ٿا. ساڳي وقت اها به حقيقت آهي ته آدرشن جي سچ کي صرف سرفروشي جي تمنا منجهان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪا گهڻي ڦلدائڪ نه ٿي ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته سرفروشي جي تمنا ته هڪ مذهبي انتهاپسند خود ڪش بمبار ۾ به هوندي آهي جنهنجي سچ ۽ پاڻ خاتمي واري عمل کي اسان ساراهيندا ناهيون. ڇاڪاڻ ته اهڙي نفي جنهن ۾ اثبات شامل ناهي سا اوسر جي عمل جو اظهار نه ٿي ٿي سگهي. هڪ ٻج کي بوٽ جي کڙي هيٺان رکي چيڀاٽي ختم ڪرڻ ۽ انکي زمين ۾ پوري ان منجهان سلو پيدا ڪري ختم ڪرڻ ۾ وڏو ۽ بنيادي فرق هوندو آهي. سماجي طور تي جيڪڏهن ڏسجي ته سرفروشي جو جذبو پهرين ڏاڪي ۾ ٻيو ڪجهه ڪونهي پر حال کان بيزاري جو اظهار آهي جيڪو هڪ انقلابي ۽ خودڪش بمبار ۾ ساڳو هوندو آهي پر ڏسڻو اتي اهو هوندو آهي ته حال تي تنقيد ماضي جي آهي يا مستقبل جي. بمبارن کي ته ڇڏيو پر جان جيڪس روسو سميت کوڙ سارا مفڪر، آدرشي انسان ۽ فطرت پسند فنڪار جڏهن سماجي ارتقا کي (سرمائيدارڻي اثرن تائين محدود ٿيڻ سبب)  ناڪاري انداز ۾ ڏسندا آهن ۽ فطرت ڏانهن موٽ جي پراڻي تصور کي پنهنجو آدرش بڻائي سرگرمي ڪندا آهن ته اسان به انهن کي هڪ يوٽوپيا يا لاحاصل چوندا آهيون ڇاڪاڻ ته مجموعي طور تي تاريخ جو سفر اڳتي ئي وڌندڙ هوندو آهي. ٻيو اهو ته مٿي ڄاڻايل رجحان هاڻوڪي سموري تباهي ۽ تخريب ۾ تعمير جي انهن امڪانن کي به رد ڪري ڇڏيندو آهي جيڪي پوئين سماجن ۾ پيدا ٿي ئي ڪونه پئي سگهيا. اهڙي ريت حال تي تعميري تنقيد مستقبل جي بيهندي نه ڪي ماضي جي. جيئن ته ماضي، حال ۽ مستقبل هڪ ئي لڙي ۾ پوئيل هوندا آهن تنهنڪري حال تي هاڪاري تنقيد ئي ان مستقبل جا بنياد وجهندي جنهن کي اسان سوشلزم سڏيون ٿا. ٻين لفظن ۾ سرمائيداري تي حقيقي تنقيد ڪلهه به سوشلزم هو ۽ اڄ به سوشلزم ئي آهي نه ڪي ڪو پراڻو مذهب نه وري واپس وڻن تي چڙهي وڃڻ وارو خواب. (هي مضمون سوشل ميڊيا تان ورتو ويو، خبر ناهي ته ڪنهن ميڊيا آئوٽ ليٽ ۾ شايع ٿيو آهي يا نه، خبر هجي ها ته ان کي ڪريدٽ به ڪريون ها.ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو