سانگهڙ(خير محمد مگسي ) يو سي ڍورو جانب جي ڳوٺ بخشڻ لغاري ۾ ڀيل برادري جي گهرن کي اوچتو ڏيئي مان باهه لڳڻ سبب ٻن ڀائرن ويرمون،شمبو ولد حڪمون ڀيل جا گهر مڪمل سڙي رک ٿي ويا. جڏھن ته هڪ مينهن ۽ هڪ پاڏي سڙي زخمي ٿي پئي. ان کان علاوه گهرن ۾ پيل ڪڻڪ 12مڻ، روڪ رقم12000هزار، سونا زيور ۽ گهر جو سمورو سامان سڙي رک جو ڍير بنجي ويو. متاثر خاندان سخت سردي ۾کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. هنن ضلعي انتظاميه ۽ وس وارن کان اپيل ڪئي آهي ته اسان کي اجها ٺاهي ڏيڻ لاءِ مالي سهائتا ڪئي وڃي.










