ڀتو وٺندي 7 پوليس اهلڪار تي ڪيس داخل، لاڪ اپ حوالي

دادو (ڊ ر) مددگار ۽ جهلو ٿاڻي جي پوليس دادو مورو روڊ تي شهداد ڪوٽ کان ايندڙ ٽريڪٽر جي  مزدورن کان ڀتو وٺڻ جي الزام ۾ پورهيت حاصل خان خاصخيلي  جي شڪايت تي ايس ايس پي دادو اچانڪ ڇاپو هڻي، اي ايس آءِ، هڪ جمعدار ۽ 5 سپاهي موقعي تي گرفتار ڪري مٿن ٻه الڳ الڳ ڪيس داخل ڪري ورتا. پوليس اهلڪارن ۾ اي ايس آءِ مظهر ڏاوچ، جمعدار بخشل خان پنهور، طالب ڀٽو، گلاب لنڊ، اصغر لنڊ، صابر حسين، غلام مرتضيٰ، برڪت علي شامل آهن، ايس ايس پي کين گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو