ڀرياسٽي (ن س)ڀرياسٽي ڀرسان باهه لڳڻ سبب ٽن پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا آهن،ڳوٺ عبدالڪريم وسطڙو ۾ اوچتو باهه لڳي، جنهن ڏسندي ئي ڏسندي ٽن پورھيتن جا گهر ساڙي ڇڏيا،پورهيت جڙيل وسطڙو، آڪاش ۽ ارشاد وسطڙو جي گھرن کي باھه لڳي وئي،پورهيتن موجب باهه لڳڻ سبب اناج، هنڌ، کٽون ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو، کلي آسمان هيٺ ويٺل آهيون، واهر ڪئي وڃي










