ڀتو نه ڏيڻ تان ڌاڙيلن زيتونن جو باغ ڪٽي ڇڏيو

نئون ديرو (شاد محمود ڀٽو ) ڪچي جي علائقي ڳوٺ منشي خدابخش ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳوڻي اسٽيٽ مئنيجر رياض حسين  ڦلپوٽو جي زيتونن جي باغ مان  ڌاڙيل پٺاڻ ناريجو جي ٽولي رات جو تقريبن 150 زيتونن جا وڻ ڪٽي اڇلائي ويا آهن  اهڙي واقعي بعد رابطو ڪرڻ تي رياض حسين ڦلپوٽو ٻڌايو  ته  مون کي ڌاڙيل پٺاڻ ناريجو 23 جنوري کان فون تي ۽ واٽسپ تي مئسيج ڪري رهيو آهي ته  ڀتو ڏيو  جنهن ۾ راڊو واچون ،مهانگيون موبائيلون ، بوسڪي جون ڊريسيون ۽ 5 لک روپيا ڪيش موڪليو ۽ ٻيون فرامائشون ڪري رهيا آهن نه ڏيڻ جي صورت ۾ خراب نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون جنهن بعد مان ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ عوامي چونڊيل نمائندن  کي به اهڙيون شڪايتون ڪيون هيون جيڪي مون کي آسرو ڏيندا رهيا آهن پر انهن ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن  خلاف ڪوبه قانوني قدم ناهي کنيون  ويو هاڻي رات منهنجي زيتونن جي  باغ مان لکين روپين جي ماليت جا وڻ وڍي ويا آهن ۽ منهنجو لکين روپين  جو نقصان ڪيو ويو آهي منهنجي ٻچن جي روزي آهي جنهن جو  انتظاميه اڃان تائين ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي مان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اعلي’ انتظامي عملدارن کان مطالبو ٿو ڪيان ته ڌاڙيل پٺاڻ ناريجو ۽ ان جي ساٿين خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو