ڀاڻيجِي طرفان سڳي مامي تي زيادتي جو الزم، جوابدار گرفتار

ڀاڻيجِي طرفان سڳي مامي تي زيادتي جو الزم، جوابدار گرفتار

اوٻاوڙو (غلام علي رند) ڳوٺ محمد ابراهيم منگريو ۾ سڳي مامي طرفان گهر ۾ گهڙي پنهنجي ڀاڻيجي مسمات ساديه سان زبردستي ڪئي نياڻي جي رڙين تي والد شوڪت آرائين ۽ ڀائر موقعي تي پهتا جنهن تي جوابدار غلام مصطفيٰ آرائين پسٽل جا فائر ڪري فرار ٿي ويو. متاثر مسمات ساديه جي والد  شوڪت آرائين طرفان اوٻاوڙ ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي وئي جنهن بعد ايس ايڇ او گل منير هليو اهڙي رپورٽ وٺڻ بعد وڏي نفري ساڻ ڪري جوابدار غلام مصطفيٰ جي گهر تي ريٽ ڪري کين گرفتار ڪري ورتو ۽  مسمات ساديه جي علاج لاءِ ليٽر ڏئي سول اسپتال اوٻاوڙو داخل ڪرائي ڇڏيو. ان موقعي تي ليڊي ڊاڪٽر جو چوڻ ھو ته مسمات ساديه سان زبردستي ٿيل آھي ۽ حتمي رپورٽ  ٻن ڏينهن اندر ڏني ويندي. هوڏانهن ايس ايڇ او گل منير هليو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسين جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آھي ۽ وڌيڪ تحقيقات ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو