ڪشمور(جي ايم کوسو( ڳوٺ ميانداد مزاري ۾ 7 هٿياربند چور چوري جي نيت سان گهر ۾ گھڙيا ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا. جنهن بعد چورن ۽ ڀاڳين هڪٻئي تي فائرنگ شروع ڪري ڏني. جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مبينه چور شيران دشتي قتل ٿي ويو . اهڙي واقعي بعد ڪشمور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تعلقه اسپتال منتقل ڪيو. جيڪو ڪافي دير اسپتال ۾ پيو رهيو. رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته جکراڻي ۽ دشتي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پيسن جي ڏيتي ليتي تان مسئلو هلندڙ آھي جنهن تان واقعو پيش آيو آهي. هوڏانهن علائقي ۾ معلومات وٺڻ تي علائقي واسين ٻڌايو ته چوري ڪرڻ دوران واقعو پيش آيو آهي. ڀاڳين جي ھٿان قتل ٿي ويل شيران دشتي جي وارثن پاران ڊکڻ بنگلو ۾ انڊس ھاءِ وي بند ڪري ڌرڻو هنيو. سندس وارثن چيو ته قاتلن جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رهندو.










