ڀارت: 4 هارين کي مارڻ وارا چيتا سزا طور چڙيا گهر ۾ منتقل

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي رياست اتر پرديش جي ضلعي لکيم پور ڪيري ۾ 4 ڄڻن کي ماريندڙ چيتا کي سزا طور چڑیا گھر موڪليو ويو.ڀارتي ميڊيا موجب ٻيلي کاتي جي عملدارن پاران ٻڌايو ويو آهي ته گذريل ڏينهن لکيم پور ڪيري کان 8 ورهين جي چيتا کي ڪنپور جي زو ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا هئا.اختيارين موجب 23 آگسٽ کان 20 نومبر تائين لکيم پور ڪيري جي تعلقي گولا ۾ چيتا 4 هارين کي ماري ڇڏيو.ڀارتي ميڊيا موجب جهنگلي جيوت اختيارين ٻن مهينن کان وڌيڪ محنت کانپوءِ چيتا کي پڪڙي ورتو ۽ وڌيڪ جاني نقصان کان بچڻ لاءِ ان کي چڑیا گھر منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو