16 کان 20 اپريل دوران پاڪستان تي حملي جو امڪان: قريشي

ملتان (م ڊ) پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته ڀارت اپريل جي ٽئين هفتي ۾ پاڪستان خلاف فوجي ڪاروائي جي تياري ڪري رهيو آهي. ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته کيس ڀروسي جوڳي انٽيلجنس رپورٽ ملي آهي ته ڀارت 16 کان 20 اپريل دوران حملي جي تياري ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت جي اهڙي غيرذميوارانه رٿا بندي بابت پاڪستان اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جي پنج مستقل ميمبرن جي سفيرن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ عالمي برادري تي زور ٿا ڀريون ته هو ڀارت کي ڪنهن به قسم جي اڳرائي کان روڪي. هن چيو ته کيس اهي به اطلاع آهن ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت پلواما جهڙو واقعو ڪرائي الزام پاڪستان تي هڻي سفارتي  دٻاءُ وڌائڻ چاهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو