دهلي(ويب ڊيسڪ)ڀارت ۾ ٽن ورهين جي نينگري سان مبينا طور تي وحشين اجتماعي زيادتي ڪئي.ڀارتي ميڊيا موجب اهو افسوسناڪ واقعو راڄڌاني نئين دهلي جي ڏاکڻي علائقي ۾ پيش آيو، جتي ٻن جوابدارن ٽن ورهين جي ٻارڙي کي جهنگ ۾ کڻي ويا ۽ ان سان اجتماعي زيادتي ڪئي.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن جي سڃاڻپ 27 ورهين جي رام نواس مشرا ۽ 22 ورهين جي شڪتي مان سنگهه طور ٿي آهي، جڏهن ته ٻئي جوابدار مڌيا پرديش جا رهواسي آهن.پوليس موجب، ٻئي جوابدار نئين دهلي جي مقامي گاربيج ڪليڪشن ڪمپني ۾ مددگار آهن، جڏهن ته ٻئي جوابدار شادي شده آهن.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جو اطلاع نينگريءَ جي ماءُ ڏنو، جنهن مقتولا سان گڏ پوليس اسٽيشن پهچي ڪيس داخل ڪيو.پنهنجي شڪايت ۾ عورت چيو ته سندس 3 ورهين جي ڌيءَ صبح کان غائب هئي، جڏهن هن ڇوڪريءَ جي ڳولا شروع ڪئي ته سندس پاڙيسري ٻڌايو ته ڇوڪريءَ کي ٻيلي ۾ ڏٺو ويو آهي، کيس روئندي ڏٺو ويو آهي.عورت موجب ڇوڪري جي ڪنهن حصي مان رت وهي رهيو هو ۽ جڏهن پڇيو ويو ته ڇوڪري واقعي بابت ٻڌايو.پوليس جو چوڻ آهي ته ڇوڪريءَ جو علاج هلندڙ آهي، ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.










