نئين دلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڇتيس ڳڙهه ۾ ڄمندڙ جاڙن ٻارن جا نالا وارثن ڪورونا ۽ ڪووڊ رکي ڇڏيا آهن. اين ڊي ٽي وي موجب راءِ پور ۾ پيدا ٿيندڙ ٻارن ۾ هڪ ڇوڪر ۽ ٻئي ڇوڪري آهي. سندن والدين جو چوڻ آهي ته هنن اهي نالا ان ڪري رکيا آهن ته هنن کي سڄي زندگي ياد رهي ته لاڪ ڊائون سبب ڪهڙين مشڪل هالتن م هو ڄاوا هئا. هنن چيو ته هو وڏا ٿي ڀلي چاهين ته پنهنجا نالا تبديل ڪري سگهن ٿا. پٽ جو نالو ڪووڊ ۽ نياڻي جو ڪورونا آهي.










