گهوٽڪي ( سليم فضل ڪلهوڙو) ڀارت کان آيل هندن جي روحاني پيشوا سنت يڌشٽر لال ۽ 51 ياترين جو وفد حيات پتافي ۽ جروار کان پوءِ سنڌ جي تاريخي ماڳ مومل جي ماڙي جي شداڻي ويد مندر پهتو جتي شداڻي ويد مندر جي شيوا دارين ڀائي جڙيا رام، ڀائي ڪشا رام، جمنا داس، رميش ، معيش ڪمار ۽ ٻين يڌشٽر لال ۽ 51 هندو ياترين جو گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو ويو. جڏهن ته هندن جي روحاني پيشوا يڌشٽر لال کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جو تحفو پهرايو ويو شداڻي مندر ۾ ڀارت کان آيل ياترين جي آمد تي خاص انتظام ڪيا ويا. شداڻي مندر ۾ مختلف ڀگت ڀگتيون ڳائي خوب داد حاصل ڪيو شداڻي مندر ۾ 12 هندو جوڙن جو شاديون پڻ ڪرايو ويون. جڏهن ته ڀارت کان آيل 51 هندو ياترين جي آمد تي سيڪيورٽي جا پڻ خاص انتظام ڪيا ويا. مومل جي ماڙي ايندڙ هر روڊ تي پوليس جو ڪيتريون پڪٽون قائم ڪيو ويون جڏهن ته پوليس سان گڏ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار پڻ الرٽ رهيا. ڀارت کان آيل هندن جي مرشد سميت 51 هندو ياترين جو وفد رات شداڻي مندر ۾ ترسڻ بعد سنڌ جي قديم آثار مومل جي ماڙي ۽ سندس ميوزم جو دورو ڪري بعد ۾ عادلپور، خانپور مهر جو دوري ڪري گهوٽڪي پهتو.










