ڀارت مان جان بچائڻ وارين دوائن جي درآمد تي پابندي ختم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان حڪومت حياتي بچائڻ وارين دوائن ۽ انهن جي خام مال جي ڀارت مان درآمدگي تي پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي. فارماسٽيڪل ڪمپنين جي درخواست تي انساني بنيادن تي حڪومت اهڙو فيصلو ڪيو آهي. تجارت واري وزارت پاران ان ڏس ۾ ٻه ايس آر اوز جاري ڪيا ويا آهن. جن ۾ چيو ويو آهي ته انساني جانيون بچائڻ وارين دوائن ۽ خام مال تان پابندي ختم ڪئي وڃي ٿي جڏهن ته ڀارت سان باقي هر قسم جي واپار تي پابندي برقرار رهندي. پاڪستان حڪومت ڀارت پاران ڪشمير بابت کنيل هڪ طرفن اپائن بعد ڀارت سان تجارت تي پابندي هنئي هئي. ياد رهي ته پاڪستان ۾ ڪتي جي چڪڻ واري ويڪسين سميت ڪيتريون دوائون ڀارت مان گهرايون وينديون آهن. ڀارت ۾ ڪافي دوائون پاڪستان جي ڀيٽ ۾ سستيون آهن ۽ پاڪستان ۾ قائم دواساز ڪمپنيون اڪثر دوائون ڀارت مان گهرائينديون آهن. پاڪستان ۾ ڪتي جي ڏاڙهڻ واري ويڪسين جي کوٽ جون خبرون اچي رهيون آهن ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ پڻ ان جو نوٽيس وٺندي ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو